درياهي بادشاهه جو ميلو

درياهي بادشاهه جو ميلو: درياهي بادشاهه جو ساليانو ميلو 25، 26 ۽ 27 رجب تي ڳوٺ تڪيي جيوڻ شاهه، تعلقي حيدرآباد ۾ جھڻ موريءَ ڀرسان روڊ تي وڏي ڌام ڌوم سان ملهايو ويندو آهي. هن ميلي ۾ هر قسم جا ناٽڪ، سرڪس، ڀلن ڍڳن ۽ گھوڙن جي ڊوڙ جا انعامي مقابلا ٿيندا آهن. ملاکڙي ۾ اتر ۽ لاڙ جي نامور پهلوانن ۾ ملهه جو مقابلو ٿيندو آهي. ميلي ۾ راڳ رنگ جي محفل به رچائي ويندي آهي، جنهن ۾ ريڊيو ۽ ٽي وي جا نامور فنڪار پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندا آهن. ميلي ۾ ايندڙ هزارن جي تعداد ۾ مريدن ۽ عقيدتمندن لاءِ لنگر جو انتظام به هوندو آهي. هن ميلي ۾ چوپائي مال جو واپار به ٿيندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو